نيلم (ويب ڊيسڪ)نيلم وادي جي حلمت ڳوٺ ۾ هڪ حامله عورت پنهنجي ٻار سميت طبي سهولتن جي کوٽ سبب فوت ٿي وئي.وارثن موجب، حامله عورت جي صحت خراب ٿيڻ کان پوءِ کيس مقامي اي ڊي ايس اسپتال آندو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته مريض کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اي ڊي ايس اسپتال ۾ نرس نه هئي.وارثن موجب، روڊ بند هجڻ ڪري مريض کي ڪلهن تي کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ عورت فوت ٿي وئي.










