پي ٽي آءِ اڳواڻن جون عمران خان سان ملاقات لاءِ ڪوششون

پي ٽي آءِ اڳواڻن جون عمران خان سان ملاقات لاءِ ڪوششون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻن پاران پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي وئي.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جي هدايتن تي فيصل چوڌري جيل اختيارين سان رابطو ڪيو.ان حوالي سان فيصل چوڌري جو چوڻ آهي ته عمر ايوب جي هدايتن تي جيل اختيارين سان ملاقات لاءِ رابطو ڪيو ويو، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڳالهين جي ٽئين مرحلي کان اڳ باني سان ملاقات ممڪن بڻائي سگهجي.هن چيو ته هن جيل اختيارين کي ٻڌايو ته اڄ ملاقات جو ڏينهن آهي، تنهن ڪري ملاقات لاءِ انتظام ڪيا وڃن.فيصل چوڌري جو چوڻ آهي ته جيل اختيارين اڃا تائين ڳالهين واري ڪميٽي جي ملاقات بابت ڪجهه به ناهي چيو.

پهنجو تبصرو موڪليو