راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي طبي معائني ۽ پٽن سان ڳالهائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.اڊيالا جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ڪيس دوران 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ نامزد هڪ ٻئي جوابدار شهمير سڪندر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن وقت تائين ڪيس ۾ نامزد 119 جوابدارن مان 118 تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي،عمر ايوب پاران ڪيس جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي اجمل صابر ۽ ملڪ انصار پاران ڪيس مان بريت جون درخواستون داخل ڪيون ويون، ٻئي طرف پراسيڪيوشن درخواست ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي 13 جنوري کان پوءِ روزاني بنيادن تي ڪئي وڃي، جيڪا عدالت قبول ڪري ورتي،دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه عمران خان جي طبي معائني ۽ پٽن سان ملاقات جي درخواست به منظور ڪندي ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي…هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عمران خان ڳالهين جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان پارٽي اڳواڻن بئريسٽر گوهر، علي ظفر ۽ شير افضل ملاقات ڪئي.عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ کي ڳالهيون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، باني ٻنهي مطالبن کي لکت ۾ حڪومتي ڪميٽي آڏو رکڻ جي اجازت ڏني آهي.بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني چيو ته ڳالهين لاءِ ٽيون اجلاس ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ان کانپوءِ به ڳالهين واري ٽيم جو اجلاس نه ٿيو ته ڳالهيون اڳتي نه وڌنديون.










