ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ تي چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ويندڙ 30 مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو.ذريعن موجب فريد احمد بزنس ويزا تي تنزانيا وڃي رهيو هو، عبدالحڪيم سياحتي ويزا تي بنگلاديش وڃي رهيو هو.ذريعن موجب آف لوڊ ڪيل 11 ڄڻا بزنس ۽ وزٽ ويزا تي چين ۽ ملائيشيا وڃي رهيا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ابو سفيان، نبيل، سجاد ۽ رينا ڪرن فيملي وزٽ ويزا تي عمان وڃي رهيا هئا جڏهن ته اقبال بي بي ذاتي وزٽ ويزا تي سعودي عرب وڃي رهي هئي.اميگريشن ذريعن موجب افضل ۽ ارسلان ورڪ ويزا تي هئا جڏهن ته سميع الله، عدنان خليل ۽ محمد عثمان عمري جي ويزا تي سعودي عرب وڃي رهيا هئا.شبير ۽ ڪامران بزنس ويزا تي سعودي عرب وڃي رهيا هئا، شاهه رخ وزٽ ويزا تي يوگنڊا وڃي رهيا هئا، اهڙي طرح محمد ۽ عبدالستار کي عمري جي ويزا تي سعودي عرب وڃڻ وقت آف لوڊ ڪيو ويو.سمورن ماڻهن کي هوٽل جي ايڊوانس بکنگ، خرچن لاءِ رقم نه هجڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري آف لوڊ ڪيو ويو.ٻئي طرف 7 ملڪن مان 51 پاڪستانين کي به ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي، جن کي مختلف اڏامن ذريعي ڪراچي آندو ويو.اميگريشن ذريعن موجب بي دخل ڪيل 2 شهري اصل پاسپورٽ ۽ 49 ايمرجنسي ڪاغذن سان واپس گهر پهچي ويا آهن.اميگريشن ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب مان بي دخل ڪيل 33 پاڪستانين کي ڪراچي موڪليو ويو، 14 پاڪستاني ايمرجنسي پاسپورٽ تي عراق کان ڪراچي پهتا.ذريعن موجب دبئي، عمان، زامبيا، قطر ۽ برطانيا مان هڪ هڪ پاڪستاني کي بي دخل ڪيو ويو آهي.










