تحريڪ انصاف جي حڪومت سان ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ

تحريڪ انصاف جي حڪومت سان ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ هلندڙ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.حڪومتي ذريعن موجب تحريڪ انصاف پاران لکت ۾ مطالبا نه مڃڻ تي ڌرڻو هنيو ويو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق به ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ لکيل چارٽر آف ڊيمانڊ تي فيصلو ڪندي.حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڳالهين جي ٽئين دور لاءِ اسپيڪر جي آفيس ۾ اڃا تائين ڪنهن به ڌر طرفان رابطو ناهي ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ترجمان عرفان صديقي مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو