اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڄي ملڪ ۾ سردي جي شدت برقرار آهي، عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب هنزه ۾ گرمي پد مائنس يارنهن ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.قلات ۾ مائنس 9 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪوئيٽا ۾ 7 ڊگري سينٽي گريڊ، ايبٽ آباد ۾ 4، پشاور ۾ 6، بهاولپور ۾ 7، ڪراچي ۾ 9 ۽ لاهور ۾ 11 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي موجب مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير، مري، گليات ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.










