اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قلات ۽ ان جي آس پاس ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب قلات ۽ ان جي پسگردائي ۾ زلزلي جي شدت 3.6 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز قلات کان 27 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ هو.زلزلي جي جهٽڪن کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو کلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.










