ڊي سي مٿان فائرنگ،پهرين قافلي جي ڪرم روانگي روڪي وئي

ڊي سي مٿان فائرنگ،پهرين قافلي جي ڪرم روانگي روڪي وئي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) لوئر ڪرم ۾ ڊپٽي ڪمشنر تي فائرنگ جي واقعي سبب ڪرم ڏانهن روانو ٿيل پهرين قافلي جي روانگي روڪي وئي.خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، اهڙي صورتحال سبب پهرين قافلي جي في الحال روانگي روڪي وئي آهي.بيرسٽر سيف چيو ته فائرنگ ۾ زخمي ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويد الله محسود کي هيليڪاپٽر جي ذريعي منتقل ڪيو پيو وڃي، بگن ۾ فائرنگ سبب زخمي ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.هن ٻڌايو ته چهپري واري هنڌ تي پوليس ۽ حڪومتي اعليٰ اختياريون موجود آهن، فائرنگ شرپسندن طرفان ڪئي وئي، معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪرم ۾ ڊپٽي ڪمشنر تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته فائرنگ جو واقعو صوبائي حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي جو ثبوت آهي. هن چيو ته مان ڊپٽي ڪمشنر جاويد محسود جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرم تڪرار تي ڪوهاٽ ۾ ٿيل گرينڊ جرڳي ۾ ڌرين وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿي ويو هو جنهن موجب سمورن غيرقانوني هٿيارن کي سرڪار وٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي ۽ علائقي مان سمورا بنڪرز ختم ڪيا وڃن.

لوئر ڪرم ۾ فائرنگ، ڊي سي جاويد الله محسود زخمي، اسپتال منتقل
لوئر ڪرم ۾ گاڏي تي فائرنگ، ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود زخمي ٿي پيو،ضلعي انتظاميا موجب لوئر ڪرم جي علائقي بگان ۾ ضلعي انتظاميا جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود زخمي ٿي پيو،ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمي ڊپٽي ڪمشنر کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمي ڊپٽي ڪمشنر ڪرم کي هيلي ڪاپٽر ذريعي پشاور منتقل ڪيو پيو وڃي،پوليس جو چوڻ آهي ته لوئر ڪرم جي علائقي بگان ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي،پوليس موجب بگان ۾ فائرنگ ۾ 3 ايف سي اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،آر پي او ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي ته بگن ۾ فائرنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪرم زخمي ٿيو، فائرنگ ڌرين نه پر اڻڄاتل ماڻهن ڪئي، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

شرپسند امن جي بحالي نٿا چاهين، فائرنگ واقعي جي رپورٽ طلب
پشاور: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور لوئر ڪرم جي علائقي بگان ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي سي ۽ ٻين جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪرم امن معاهدي کانپوءِ اهڙو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت ڪرم ۾ امن جي بحالي ۽ مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، فائرنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، واقعو انهن عنصرن جو هٿ آهي جيڪي ڪرم ۾ امن جي بحالي نٿا چاهين. علي امين گنڊاپور چيو ته ڪجهه شرپسند عناصر ڪرم ۾ امن امان بحال ڪرڻ نٿا چاهين، اهڙن عنصرن جون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ نه ڏنيون وينديون، ڪي پي حڪومت ۽ علائقي جي عوام شرپسند عنصرن جي ناپاڪ ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي، ڪرم جي عوام جو ساٿ ڏنو ويندو. انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ حڪومت ۽ انتظاميه سان تعاون ڪيو وڃي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اهو واقعو ڪرم ۾ امن جي بحالي لاءِ حڪومت ۽ بزرگن جي ڪوششن تي اثرانداز نه ٿيندو ۽ ڪي پي حڪومت مڪمل امن جي بحالي تائين بزرگن جي تعاون سان ڪوششون جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو