ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انڊر پاس 42 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيو

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انڊر پاس 42 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رات دير سان اسلام آباد ۾ ايف 8 ايڪسچينج چوڪ انٽرچينج ۽ سرينا چوڪ انٽرچينج منصوبن جو دورو ڪيو.گهرو وزير محسن نقوي ٻنهي ميگا پراجيڪٽس تي تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ جاري تعميراتي سرگرمين جو معائنو ڪيو.هن چيو ته منصوبا مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 42 ڏينهن جي عرصي ۾ انڊر پاس مڪمل ڪيو ويو آهي.هن هدايت ڪئي ته ٻنهي منصوبن تي ڪم 3 شفٽن ۾ جاري رکيو وڃي، رات جي شفٽ ۾ تعميراتي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اهو به چيو ته ٻنهي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻو آهي، فيبروري ۾ ايف 8 ايڪسچينج چوڪ انٽرچينج جو افتتاح ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو