نيشنل پوليس اڪيڊمي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو اعلان

نيشنل پوليس اڪيڊمي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪيو، جتي هن اڪيڊمي کي اپ گريڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.محسن نقوي اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تربيت هيٺ آفيسرن کي فراهم ڪيل سهولتن جو پڻ جائزو ورتو.هن ٽريننگ هيٺ آفيسرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ سهولتن بابت آگاهه ڪيو.گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي جي تنظيم سازي بابت اجلاس به طلب ڪري ورتو.هن ماسٽر پلان جو مطالبو ڪندي چيو ته پهرين اين پي اي جو نئون ماسٽر پلان انٽرنيشنل معيار جي صلاحڪار کان تيار ڪيو وڃي.محسن نقوي چيو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن کان 25 ڪروڙ جو چيڪ جلد اين پي اي حوالي ڪيو ويندو.هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي بحالي جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي.گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري ضروري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.هن چيو ته ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول وانگر نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ به بهترين آفيسر مقرر ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو