راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پارٽي کي قيدين جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي عمران خان سان پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ٻن ميمبرن ملاقات ڪئي.ملاقات ڪندڙن ۾ بيرسٽر علي ظفر ۽ سليمان اڪرم راجا شامل هئا، ڳالهين کان اڳ حتمي مشاورت مڪمل ڪئي وئي، انهي دوران پي ٽي آءِ باني قيدين جي آزادي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.سليمان اڪرم راجا صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون، ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهيون. عمران خان سان ملاقات کان پوءِ ڳالهين واري ڪميٽي جا ميمبر اڊيالا جيل مان روانا ٿي ويا.










