اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي اڳوڻي ترجمان ممتاز زهره بلوچ کي فرانس ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ڪيو ويو آهي.نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي راڄڌاني ۾ صحافين کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته ممتاز زهره بلوچ کي فرانس ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ممتاز زهره بلوچ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.










