لوئردير: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حماد جا مجاهد جهاد ڪري رهيا آهن، اسان ڪڏهن به اسرائيل کي نه مڃينداسين.لوئر دير ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا جتي چاهي ٿو بمباري ڪندو آهي، آمريڪا پنهنجي مرضي جون پاليسيون اسان تي مڙهڻ چاهي ٿو، آمريڪا هڪ دهشتگرد سياست کي سپورٽ ڪري رهيو آهي.2006ع ۾ چونڊون ٿيون ته حماس جمهوري طريقي سان ڪاميابي حاصل ڪئي، آمريڪا کي جمهوريت به پنهنجي مرضي جي پسند آهي، آمريڪا اهو آهي جنهن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي نيوڪليئر بم اڇلايو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي پرڏيهي مداخلت نه حڪمرانن ڪمزور ڪيو آهي، هڪ ننڍو طبقو آهي جيڪو آمريڪا جي آشيرواد سان هلندو آهي، هي ڪهڙيون پارٽيون ۽ سياستدان آهن جيڪي آمريڪا کان مدد چاهين ٿا، آمريڪا کان مدد گهرندڙ اسان جا حڪمران نٿا بڻجي سگهن. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪريون ٿا، اسان آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ته پي ٽي آءِ انڪار ڪري ڇڏيو هو.پي ٽي آءِ باني اعلان ڪري ته اسرائيل جي مخالفت ۽ حماس جي حمايت ڪريون ٿا، باني پي ٽي آءِ بيان ڏئي ته غزه جي ٻارن جي قاتلن کي قبول نه ڪنداسين، هي حڪمران ڏسندا آهن ته ڪٿي بائيڊن ۽ ٽرمپ ناراض نه ٿي وڃي. هي حڪمران ڪانگريس جي ميمبرن کان به ڊڄندا آهن حڪمرانن کي چوڻ چاهيان ٿو ته حماس اسان جي ماڻهن جو حصو آهن 7 آڪٽوبر 2023 تي انهن وڏن وڏن منصوبن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.










