اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني عمران خان مون سان ملڻ چاهيندو ته انهي حوالي سان سوچي سمجهي فيصلو ڪندس.صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ باني طرفان ملاقات جي لاءِ ڪوبه باضابطه پيغام ناهي ملي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسان کي گله آهي ته عام چونڊن ۾ اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ڏني وئي، چونڊن ۾ ڪجهه ماڻهو استعمال ٿي ويا پر اسان استعمال ٿيڻ کان انڪار ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته 26هين آئيني ترميم ۾ اسان جي پارٽي شخصيت جي بجاءِ ادارن جي مضبوطي کي آڏو رکيو. مدرسن جي رجسٽريشن تي طئي ٿيل معاملن کي خوامخواهه ڇيڙيو ويو. خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت جي ڪٿي به رٽ نظر اچي. ڊيرا اسماعيل خان، بنون ۽ ٽانڪ دهشتگردن جي حوالي آهن. جڏهن ته ٽانڪ مان عدالتون ۽ سرڪاري آفيسون به ڊيرا اسماعيل خان منتقل ٿي چڪيون آهن.










