اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين تي قمر جاويد باجوا چيو ته هر مسئلي جو حل ڳالهيون آهن.پنهنجي بيان ۾ عمر ايوب چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ قمر جاويد باجوا ڳالهين جو چيو هو، اهو فيصلو پي ٽي آءِ جو نه هو.هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي، سياسي استحڪام معاشي استحڪام سان جڙيل آهي، تحريڪ انصاف جي دور ۾ امن هو.










