ديني مدرسن جي رجسٽريشن وارو مامرو، نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور

ديني مدرسن جي رجسٽريشن وارو مامرو، نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ديني مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي سمورين ڌرين جي لاءِ قابل قبول حل جي لاءِ نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ايوان صدر، ايوان وزيراعظم ۽ قانون واري وزارت ۾ مشاورت جو سلسلو جاري آهي. حڪومتي ذريعن موجب مشاورتي عمل ۾ جي يو آءِ(ف) جو قانوني صلاحڪار سينيٽر ڪامران مرتضيٰ به شامل آهي. مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ تي صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن بابت آرڊيننس جاري ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين آرڊيننس جي تجويز وزيراعظم شهباز شريف جي مولانا فضل الرحمان ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتن کان پوءِ سامهون آئي آهي.ذريعن موجب مدرسن جي رجسٽريشن بابت آرڊيننس تي جي يو آءِ سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ڀروسي ۾ ورتو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرڊيننس ۾ ڊائريڪٽريٽ جنرل مذهبي تعليم ۽ سوسائٽي رجسٽريشن ترميمي ايڪٽ جي تحت مدرسن کي قانوني تحفظ ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو