پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ آهي ته اسان مجبوري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ڳالهين واري ٽيم پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آهن.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته ميڊيا هلي رهي آهي ته مان ڳالهين ۾ سنجيده ناهيان، مون کي ضمانتن جي پويان لڳايو ويو آهي، مان مجبوري ۾ هتي آيو هوس، ان ڪري نه ويو آهيان.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته 6 ڪيسن ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي، سلمان اڪرم راجا به پنهنجن ڪيسن ۾ مصروف هو، اهو ٻڌي حيران آهيان ته پي ٽي آءِ کي ڳالهين ۾ دلچسپي ناهي.هن وڌيڪ چيو ته احتجاج دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي اسنائپر گن جو استعمال ڪيو ويو، اسان جي 14 ڪارڪنن جي مارجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.عمر ايوب اهو به چيو ته پي ٽي آءِ جا 200 کان وڌيڪ ڪارڪن گم آهن.










