پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو

پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان واضح پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان جي سلامتي جو فيصلو پاڪستاني قوم ڪندي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته آمريڪي پابندين سان پاڪستان جي دفاعي ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته آمريڪا طرفان پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي پابنديون غير ضروري ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهن، پاڪستان ڪڏهن به اهو نه چيو آهي ته هو آمريڪا سان اهڙا لاڳاپا چاهي ٿو ته جنگي صورتحال پيدا ٿئي ۽ ميزائلن جي ضرورت پوي. هن چيو ته ڀارت خطي ۾ ميزائل سسٽم ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ شروع ڪئي، وڏين طاقتن کي ڀارت خلاف قدم کڻڻ گهرجن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي سلامتي جو فيصلو پاڪستاني قوم ڪندي، ماضي ۾ به پاڪستان تي ڪيتريون ئي پابنديون لڳايون ويون پر اسان پنهنجي سلامتي تي ڌيان ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو