راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج فتنا خوارج ۽ ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا جو دورو ڪيو،آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جوانن ۽ آفيسرن جي عزم ۽ جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته شهيد پاڪستان جو فخر آهن،شهيدن کي نه وساريو ويندو، نه انهن جو رت ضايع ويندو،پاڪ فوج جي ترجمان موجب جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج ٻين سڪيورٽي ادارن جي سهڪار سان دهشتگردي جو خاتمو آڻيندي،ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام کي يقيني بڻايو ويندو،آرمي چيف عاصم منير سهولتڪارن سان گڏ فتح الخوارج کي شڪست ڏيندو، آرمي چيف جوانن ۽ آفيسرن جي عزم ۽ جذبي کي ساراهيو.










