ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان صوبي جي مختلف قومي شاهراهن تي گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا پيش آيا.ميڊيڪل ايمرجنسي رسپانس سينٽر جي رپورٽ موجب بلوچستان ۾ قومي شاهراهه تي 48 حادثن ۾ 85 ڄڻا زخمي ٿي پيا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ حادثا زوب ڪوئيٽا نيشنل هاءِ وي تي ٿيا.ميڊيڪل ايمرجنسي رسپانس سينٽر پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب اين 50 زوب قومي شاهراهه تي 18 ٽريفڪ حادثا پيش آيا.










