لاهور (ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات مان پاڪستان ۾ قتل، قتل جي ڪوشش ۽ ڦر جي ڪيسن ۾ گهربل 6 جوابدار گرفتار ڪيا ويا.ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار ڪيل اشتهاري جوابدارن ۾ بابر وسيم، تاج رسول، عبدالحسيب، قيصر محمود، نديم افضل ۽ ذيشان شامل آهن.جوابدار بابر وسيم، عبدالحسيب ۽ قيصر محمود گوجرانوالا پوليس کي گهربل هئا.ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار نديم افضل گجرات پوليس کي گهربل هو جڏهن ته تاج رسول راجپور ۽ ذيشان ملتان پوليس کي گهربل هو. ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو.جوابدارن کي متحده عرب امارات مان لاهور ايئرپورٽ تي آندو ويو ۽ پوليس حوالي ڪيو ويو.










