حڪومت خلاف مولانا سان گڏجي تحريڪ هلائڻ چاهيان ٿو: اسد قيصر

حڪومت خلاف مولانا سان گڏجي تحريڪ هلائڻ چاهيان ٿو: اسد قيصر

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته پيپلز پارٽي 26 نومبر جي واقعي ۾ برابر جي شريڪ آهي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان رابطي ۾ آهي، حڪومت خلاف گڏيل تحريڪ هلائڻ چاهيون ٿا. اسد قيصر چيو ته حڪومت اسان سان اڃا رابطو ناهي ڪيو، اسان جي مطالبن تي ڳالهه ڪنداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هو ڏسندا ته حڪومت وٽان ڪو جواب اچي ٿو.هن چيو ته اسان آئين ۽ قانون موجب جنگ وڙهي رهيا آهيون.اسد قيصر چيو ته حڪومت سياسي ڪارڪنن کي دهشتگرد قرار ڏئي رهي آهي، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي جڏهن ته حڪومت دهشتگردن بدران پي ٽي آءِ جي پيروي ڪري رهي آهي.سندن چوڻ آهي ته 15 ڊسمبر تي باغ ناران ۾ شهيدن جي ياد ۾ تقريب ٿيندي، حڪومت پرامن شهرين تي فائرنگ ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته 26هين ترميم غيرقانوني طور تي پاس ڪئي وئي، اسان سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو