دين اسلام انساني حقن جو علمبردار آهي: محسن نقوي

دين اسلام انساني حقن جو علمبردار آهي: محسن نقوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دين اسلام انساني حقن جو علمبردار آهي.انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وسلم انساني حقن جو لازوال پيغام سڄي انسانيت کي ڏنو.هن چيو ته پاڪستان ۾ هر شهري کي برابري جا حق حاصل آهن، بنيادي انساني حقن جي فراهمي مهذب معاشري جي سڃاڻپ آهي.وفاقي گهرو وزير چيو ته شهرين جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سمورن اقليتن کي مذهبي آزادي حاصل آهي. هن اهو به چيو ته حڪومت انساني حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، اڄ اسان کي هر شهري جي انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو