پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پي ٽي آءِ جي باني خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ٿي ويندا.هڪ بيان ۾ هن چيو ته بني پي ٽي آءِ خلاف پنجاب ۾ 99 ۽ اسلام آباد ۾ 74 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته اهي ڪيس پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري کانپوءِ داخل ڪيا ويا آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سمورن ڪوڙن ڪيسن خلاف وڙهي رهيا آهن.خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار جو اهو به چوڻ آهي ته هڪ شخص جيل اندر ويهي ڏوهه ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ باني پي ٽي آءِ ن ليگ جي اعصابن تي سوار آهن.










