رياست سان ويڙهه نه رجسٽريشن چاهيون ٿا:فضل الرحمان

رياست سان ويڙهه نه رجسٽريشن چاهيون ٿا:فضل الرحمان

چارسده (ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته رياست سان ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون، رجسٽريشن چاهيون ٿا.چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هو ملڪ جي هر مدرسي لاءِ وڙهي رهيا آهن. اسان رجسٽريشن تي وڃڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته هي قانون 2004ع ۾ به پاس ٿيو هو، 2019 ۾، اسان هڪ نئون نظام ڏيڻ چاهيون ٿا، اهو صرف هڪ معاهدو آهي، هڪ انتظامي حڪم آهي،مولانا فضل الرحمان چيو ته صدر جڏهن ٻين بل تي صحيح ڪري سگهي ٿو ته ان متفقه بل تي دستخط ڇو نٿو ڪري سگهي؟جي يو آءِ (ف) سربراهه چيو ته ڪي پي ۾ امن امان تباهه ٿي ويو آهي، ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، حڪمرانن کي ملڪ بچائڻ جي فڪر ڪرڻ گهرجي.هن اهو به چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ٻنهي صوبن ۾ هٿياربند گروپ موجود هئا. ٻنهي صوبن ۾ مذهبي ۽ قومپرست قيادت کي اسيمبلي کان ٻاهر رکيو ويو.مولانا فضل الرحمان چيو ته چيو پيو وڃي ته هي سندن مسئلو ناهي، رڳو ديني مدرسن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. اسڪولن تي ڪنٽرول ڇو؟ ڇو ته FATF ۽ IMF اسڪولن کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا؟ آمريڪا ۽ اولهه اهو چاهين ٿا.جي يو آءِ سربراهه چيو ته ٻڌايو ته اهي معاهدا قوم جي سامهون رکو، ڪهڙيون شرطون رکيون آهن؟

پهنجو تبصرو موڪليو