اٽڪ (ويب ڊيسڪ)اٽڪ ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ پيءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب اٽڪ جي علائقي خندا چوڪ تي جهيڙي دوران اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.هٿياربندن جي فائرنگ سبب ٽيڪسي ڊرائيور پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا.پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.










