راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 22 خوارج مارجي ويا، جڏهن ته خوارج سان فائرنگ جي تبادلي ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز ٽينڪ جي علائقي گل امام ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران 9 خوارج مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ فورسز جي هڪ ٻي ڪارروائي ۾ 10 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز هنگو جي تعلقي ٽل ۾ خوارج جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، حملي ۾ 3 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب خوارج سان ڀرپور فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 جوان شهيد ٿي ويا.










