ڊيرا اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اڃان سول نافرماني تحريڪ جو فيصلو نه ٿيو آهي.ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته ڊي چوڪ تي اسان جي ڪارڪنن تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، حڪومت قلم 245 لڳائي اسان جي ماڻهن کي قتل ڪرايو، 12 ڪارڪن شهيد ۽ 107 ڪارڪن اڃان تائين گم آهن.علي امين چيو ته ميڊيا اسان جي شهيدن جا جنازا نه ڏيکاريا، گم ٿيل ڪارڪنن بابت به خدشا آهن، هزارين ڪارڪن گرفتار ۽ زخمي آهن، اسان جي ڪارڪنن جي رتو ڇاڻ رائيگان نه ويندي. هن چيو ته پاني پت جنگ جيان حملا ڪنداسين، 5 حملا اسان ڪري ورتا آهن، جهڙي طرح محمود غزنوي 17 حملا ڪيا اسان به اهڙي طرح حملا جاري رکنداسين.هن چيو ته ڪشمير جي آزادي ۾ پشتونن جو ڪردار هو، پشتون ڪشمير آزاد ڪرائين ٿا ته صحيح آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجي آزادي جي لاءِ وڙهن ته غلط؟ فرنٽ لائين تي وڙهندا آهيون ۽ وڙهنداسين، اسان شينهن آهيون ۽ شينهن رهنداسين.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ گڏجي گيم کيڏي آهي، هي ملڪ جي اندر نفرتون پکيڙي خانه جنگي ڪرائڻ چاهين ٿا. حڪومت اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي. علي امين چيو ته سول نافرماني جو فيصلو اڃان نه ٿيو آهي، اڃان ڳالهيون ٿيڻيون آهن، اسان ملڪ جي ڪري ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن حڪومت ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي ته اسان به هلي رهيا آهيون.ڪي پي ڪي جي گورنر طرفان گهرايل اي پي سي تي هن چيو ته اهڙي شخص اي پي سي ۾ گهرايو جنهن جو ڪوبه ڪردار نه آهي. گورنر ويلا منڊا آهي انهي جي اي پي سي کي نٿو قبول ڪريان.مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان علي امين گنڊاپور چيو ته مدرسن ۾ ديني تعليم سان دنياوي تعليم ڏيڻ چاهيون ٿا، سٺي ڳالهه آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن ٿيڻ گهرجي.










