حڪومت اسان جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي: فضل الرحمان

حڪومت اسان جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي: فضل الرحمان

نوشهره: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي مدرسن کي انتهاپسندي طرف ڌڪيو پيو وڃي، حڪومت اسان جي خلاف اعلان جنگ ڪري ڇڏيو آهي. بيورو ڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ جيترو چاهين همدردي جا لفظ استعمال ڪن اسان کي انهن تي ڪنهن به قسم جو ڀروسو نه آهي.نوشهره ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نوجوانن جي دل دماغ ۾ اهو دين وڌو پيو وڃي جيڪو مغرب کي قابل قبول هجي، مدرسن جي رجسٽريشن نه ڪرائڻ جي ڪوشش به انهي ايجنڊا جو حصو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ بيورو ڪريسي جيتري به همدردي اسان کي ڏيکاري اسان مدرسن کي مين اسٽريم ۾ آڻي رهيا آهيون پر اسان کي انهن تي يقين نه آهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسلاميه ڪاليج به هڪ ديني مدرسو هو جڏهن حڪومت قبضو ڪيو ته ديني علم ختم ڪري ڇڏيو، حڪومت جتي به قبضو ڪيو آهي اتي اڄ مدرسو نه رهيو آهي، اسان حڪومت جي قبضي مان ديني مدرسن کي آزاد ڪرائڻ چاهيون ٿا، اسان رياست سان جهيڙو نٿا چاهيون صرف حڪومت جي قبضي مان ديني مدرسن کي آزاد ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان رياست سان جهيڙو نٿا چاهيون صرف پنهنجي مدرسن جو تحفظ چاهيون ٿا.هن چيو ته اسان حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اوهان مدرسن کي دهشتگردي سان جوڙي رهيا آهيون، اسان جي چهرن کي اوهان خراب ڪرڻ چاهيو ٿا، اسان مدرسن جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اوهان اسان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، اسان ۽ اوهان آمهون سامهون ٿي چڪا آهيون، انهي لاءِ اسان به ڄمي چڪا آهيون ۽ اسان قيامت تائين دين اسلام جي لاءِ جنگ ڪندا رهنداسين.فضل الرحمان چيو ته چونڊن کان اڳ پي ڊي ايم جي حڪومت بڻجي ته اسان اهو مسئلو حڪومت جي سامهون رکيو، اها انهي ڳالهه تي راضي ٿي وئي ته مدرسن جي رجسٽريشن اتي ٿيندي جتي مدرسا چاهين ٿا، جيڪو ڊرافٽ حڪومت ٺاهيو هو اهو اسان سڀني قبول ڪيو هو ۽ پيپلز پارٽي به انهي ۾ شامل هئي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسان جيڪو بل پي ڊي ايم حڪومت ۾ گڏيل طور تي ٺاهيو هو اهو پاس ناهي ٿيو، 26هين آئيني ترميم جي لاءِ اسان جون ڳالهيون ٿيون، پوءِ ديني مدرسن جو بل پيش ٿيو، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس ٿيو پر صدر آصف علي زرداري انهي کي رد ڪيو ۽ صحيح نه ڪئي، آصف زرداري 26هين آئيني ترميمي بل تي اعتراض نه ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته اسان اوهان سان ڳالهيون ڪيون اوهان جي خلاف ڏنڊو نه کنيو، جيڪڏهن اوهان نٿا مڃو ته اسان اوهان کي ٻڌائينداسين ته دٻاءُ اوهان جو وڌيڪ آهي يا اسان جو، جيڪڏهن هي نه سمجهيا ته سڀاڻي اسرائيل مرده باد ڪانفرنس ۾ انهن کي به مرده باد ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو