اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ڪنوينر عوام پاڪستان پارٽي شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ سڀني کي گڏ ويهڻو پوندو. سياست نفرت ۽ دشمني ۾ بدلجي چڪي آهي، حڪومت کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مظاهرين تي گولي هلائڻ جي ڏوهه ۾ معافي گهرڻ گهرجي، ڪميشن ٺاهي معاملي جي جاچ ڪري حقيقتون عوام جي سامهون آنديون وڃن.اسلام آباد ۾ عوام پاڪستان پارٽي جي اجلاس کان پوءِ جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت اڄ به انڪاري آهي ته 26 نومبر تي ڪابه گولي نه هلائي وئي آهي، پر گولي هلائڻ حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف آهي.هن چيو ته مظاهرين جي عمل سان متفق نه آهيون، پر انهن ڪوبه حملو نه ڪيو، مظاهرين ۽ حڪومت جي قدمن تي بحث ٿيڻ گهرجي، حڪومت عوام جون تڪليفون ختم ڪري، پي ٽي آءِ باني عمران خان اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو هو، اڄ به ساڳيو ڪم جاري آهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته عوام پاڪستان پارٽي جو اڄ تنظيمي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي حالتن جي باري ۾ تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، اڄ سياست جي جيڪا صورتحال آهي انهي سان ملڪ نٿو هلي سگهي. جڏهن سياست نفرت ۽ دشمني ۾ تبديل ٿي وڃي ته ملڪ نٿو هلي سگهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ موجود مسئلن جو حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي. اڄ زبان جي بنياد تي ناانصافي ٿي رهي آهي. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا ماڻهو عزت گهري رهيا آهن. اسان کي ملڪ جي معاملن کي بهتر ڪرڻو آهي، گذريل وقت سان ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن.هن چيو ته ڪرم ايجنسي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو انهي جي حقيقت عوام کي خبر پوڻ گهرجي. حڪومت جو ڪم عوام جي آواز دٻائڻ نه هجڻ گهرجي. ملڪ ۾ آئين موجب معاملا هلڻ گهرجن. 26هين ترميم آئين سان تڪراري آهي، جنهن کي هڪ رات ۾ پاس ڪرايو ويو.عوام پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر چيو ته ملڪ ۾ هن وقت غربت، بيروزگاري وڌي وئي آهي، انهي تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ جو وڌڻ نقصان هوندو آهي، ماڻهن وٽ ٻيو ڪوبه حل نه آهي جو انهي ۾ انويسٽ ڪري رهيا آهن.










