بلوچستان: مختلف علائقن ۾ فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

بلوچستان: مختلف علائقن ۾ فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا، دڪي، چاغي ۽ گوادر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته واقعن ۾ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.پوليس موجب ڪوئيٽا جي علائقي ميان گانڌي ۾ اڻڄاتل ماڻهن رڪشا تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا شير احمد ۽ علي محمد مارجي ويا، جڏهن ته مهر الله زخمي ٿي پيو.پوليس لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪري ڇڏيو آهي چاغي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.ليويز موجب چاغي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن سعيد احمد ۽ الياس کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.ليويز لاشن کي قبضي ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.ٻئي طرف گوادر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن تربت جي علائقي ڪالاگ جي رهواسي ليويز اهلڪار محمد جان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.دڪي ضلعي ۾ ڪوئلي جي کاڻ تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو..

پهنجو تبصرو موڪليو