سوات (ويب ڊيسڪ)ايف آءِ اي ٽارچر اينڊ ڪسٽوڊيل ڊيٿ ايڪٽ تحت پهرين ايف آءِ آر داخل ڪئي.ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل پشاور سوات مان اي ايس آءِ ۽ 2 هيڊ ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار ٿيل پوليس اهلڪار ابوها سوات پوسٽ تي مقرر هئا.ايف آءِ اي موجب شهري کي پوليس غير قانوني طور تي حراست ۾ ورتو هو ۽ حراست دوران شهري اهلڪارن جي تشدد سبب فوت ٿي ويو.مقتول جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڻ ملي وئي آهي.اهلڪارن شهري خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي موجب جوابدار جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










