اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته ڪنهن کي به حق ناهي ته اسان کي احتجاج ڪرڻ کان روڪي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عدالت سڪيورٽي ڏني آهي، آئين اسان کي احتجاج جو حق ڏئي ٿو، 26 نومبر تي ظلم ٿيو، آئين هر شهري کي حق ڏئي ٿو ته هو پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري.اسد قيصر چيو ته وفاقي حڪومت شهرين تي گوليون ۽ شيلنگ ڪئي، تاريخ ۾ اهڙو مثال نٿو ملي، اسان هميشه آئين ۽ قانون جو احترام ڪيو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ ڪارڪنن کي غير قانوني طور جيل ۾ رکيو ويو آهي، اسان پي ٽي آءِ جي باني سان گڏ بيٺل آهيون، آفيسرن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته قانوني حدن کان ٻاهر نه وڃو.اسد قيصر چيو ته اسان جو احتجاج ختم ناهي ٿيو، جيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي پهرين ترجيح آهي، پارٽي جي شهيدن جي گهرن تائين وينداسين، ان ظلم خلاف عالمي فورم تي به آواز اٿارينداسين.










