ٽانڪ ۾ برسات سبب ڪمري جي ڇت ڪري پئي، 3 ڄڻا فوت

ٽانڪ ۾ برسات سبب ڪمري جي ڇت ڪري پئي، 3 ڄڻا فوت

ٽانڪ(ويب ڊيسڪ)ٽانڪ ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.ڊي پي او پاران ٻڌايو ويو آهي ته ٽانڪ ڀرسان ڳوٺ ۾ برسات سبب هڪ ڪمري جي ڇت ڪري پئي.ڊي پي او جو چوڻ هو ته ڇت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.ڊي پي او موجب فوتين ۾ پيءُ، پٽ ۽ ڌيءُ شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ به هڪ سڙيل ڪمري جي ڇت ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 13 ڄڻا ملبي هيٺ دٻجي ويا آهن.ريسڪيو آپريشن دوران 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو