آرمي چيف سان چيني نائب چيئرمين سينٽرل ملٽري ڪميشن جي ملاقات

آرمي چيف سان چيني نائب چيئرمين سينٽرل ملٽري ڪميشن جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير سان چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين ملاقات ڪئي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب جنرل عاصم منير سان چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وفد به ملاقات ڪئي آهي.ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪ چين تاريخي دوستي هر ڏکئي وقت کي منهن ڏنو آهي.آرمي چيف عالمي ۽ علائقائي ماحول ۾ تبديلين باوجود پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي چيني قيادت جا ٿورا مڃيا.جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي چيني جنرل زانگ يوشيا کي پاڪ فوج جي دستن گارڊ آف آنر پيش ڪيو، هن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو.آرمي چيف چيو ته پاڪ چين تاريخي ڀائيواري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهيون. آرمي چيف جنرل عاصم منير هر صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. جنرل زانگ يوشيا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي حوالي سان پاڪستان جي ثابت قدمي کي ساراهيو.چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن دهشتگردي خلاف ڪوششن ۾ پاڪ فوج جي پيشه ورانه صلاحيتن کي پڻ ساراهيو.آءِ ايس پي آر موجب جنرل زانگ يوشيا ڊگهي مدي واري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چين جي عزم کي ورجايو.

پهنجو تبصرو موڪليو