انتشار پسند گروپ انقلاب نه پر خونريزي چاهي ٿو: وزيراعظم

انتشار پسند گروپ انقلاب نه پر خونريزي چاهي ٿو: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف مظاهرين پاران رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.وزيراعظم گاڏي سان ٽڪرائجي ويل رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيد اهلڪارن جي بلند درجات ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي.شهباز شريف واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري کين سخت سزا ڏيڻ ۽ زخمي رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي حملا قابل مذمت آهن. انارڪيسٽ گروپ جان بوجھ ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار ڊيوٽي تي آهن، فسادين سبب سيڪيورٽي اهلڪارن جي گهرڀاتين جون زندگيون تباهه ٿي ويون.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته انتشار پسند گروپ ڪالهه پوليس ۽ اڄ رينجرز اهلڪارن جي ٻارن ۽ خاندانن جو ذميوار آهي.انتشار پسند گروهه خونريزي چاهي ٿو، انقلاب نه، هي پرامن احتجاج ناهي، انتهاپسندي آهي.هنن اهو به چيو ته پاڪستان ڪنهن به انتشار ۽ خونريزي جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي، مذموم سياسي مقصدن لاءِ خونريزي ناقابل قبول ۽ انتهائي قابل مذمت آهي. مون سميت پوري قوم شهيد رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو