اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سرينگر هاءِ وي تي دهشتگردن رينجرز اهلڪارن جي گاڏي چاڙهي، جنهن جي نتيجي ۾ شهري سميت 3 رينجرز ۽ 1 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويو.ذريعن موجب واقعي ۾ 5 رينجرز ۽ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا آهن.سڪيورٽي ذريعن موجب شرپسندن جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ هينئر تائين 4 رينجرز ۽ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن.سڪيورٽي ذريعن موجب هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.










