پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار

پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر جي احتجاج لاءِ خاص اسڪواڊ تيار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب هن اسڪواڊ ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ونگ جا 9 هزار ڪارڪن شامل هوندا، صوبائي وزير مينا خان ۽ خاص مددگار سهيل آفريدي ان اسڪواڊ جي اڳواڻي ڪندو.ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پي ٽي آءِ پشاور جي اجلاس ۾ اسڪواڊ کي جهادي قرار ڏنو هو.ان اسڪواڊ سان لاڳاپيل ذريعن جو چوڻ آهي ته هي اسپيشل اسڪواڊ مرڪزي قافلي کان اڳڀرو هوندو ۽ ان اسڪواڊ کي اينٽي شيلنگ سامان پڻ ڏنو ويو آهي.خيبرپختونخواهه بابت خاص مددگار سهيل آفريدي ”جيو نيوز“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جهادي اسڪواڊ جو مطلب آهي ته ظلم خلاف آواز اٿارڻ کي جهاد سمجهون ٿا.سهيل آفريدي چيو ته هو زندگيءَ جي پرواهه کانسواءِ مظاهري ۾ رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو