راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي نيو ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ورتو.پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عمران خان کي نيو ٽائون ٿاڻي تي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني کي جسماني رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن تي باهه، پٿراءُ، مزاحمت ڪرڻ تي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ سميت ٻين واقعن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.وڌيڪ چيو ويو ته ايس ايس پي انويسٽيگيشن جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم عمران خان کان جاچ ڪري رهي آهي، کيس سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويندو.










