وفاقي ڪابينه جو اڄ طلب ڪيل خصوصي اجلاس ملتوي

وفاقي ڪابينه جو اڄ طلب ڪيل خصوصي اجلاس ملتوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينه جو اڄ طلب ڪيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي پر آئيني ترميم جي حوالي سان خصوصي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو.پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس به اڄ طلب ڪيا ويا آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. حڪومت آئيني ترميم قومي اسيمبلي جي بجاءِ پهريان سينيٽ ۾ آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي.سينيٽ اجلاس ٻنپهرن جو 3 وڳي ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻنپهرن جو 4 وڳي ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي سينيٽرز کي مانجهاندو به ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو