صدر ، بلاول ۽ مولانا جي نواز شريف سان ملاقات، آئيني ترميم تي غور

صدر ، بلاول ۽ مولانا جي نواز شريف سان ملاقات، آئيني ترميم تي غور

لاهور (ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان نواز شريف سان ملاقات لاءِ جاتي امرا پهچندا، جتي اڳواڻن وچ ۾26هين آئيني ترميم جي تجويز تي مشاورت جاري آهي. رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جي وفد سان گڏ جاتي امرا پهتا، جتي هو نواز شريف طرفان ڏنل عشايئي ۾ شرڪت ڪندا. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ گورنر پنجاب سردار سليم حيدر، سيد نويد قمر، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر جميل سومرو شامل آهن. ان کان اڳ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان وفد سان گڏ رات جي ماني ۾ شرڪت لاءِ جاتي امرا پهتو. نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سندس آمد تي استقبال ڪيو. 26هين آئيني ترميم تي غور لاءِ مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ (ف) جو مشاورتي اجلاس جاتي امرا ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان به شرڪت ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت مولانا فضل الرحمان کي آئيني ترميم جي معاملي تي اعتماد ۾ وٺندي، جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه پنهنجي پارٽي طرفان تيار ڪيل آئيني مسودي بابت آگاهه ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ٽنهي پارٽين جي گڏيل مسودي تي اتفاق راءِ جو امڪان آهي، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ آئين جي مسودي تي اڳ ئي اتفاق ٿي چڪو آهي، 26هين آئيني ترميم جي گڏيل مسودي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.سنڌيار کي انتهائي با خبر ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته هن وڏي بيٺڪ ۾ فيصلو ٿيو آهي ته 26 آئيني ترميم جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ يعني 25 آڪٽوبر کان اڳ هر حال ۾ منظور ڪرائي ويندي، جيئن حڪومت سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري کان اڳ سينئر ترين جج بدران 3 سينئر ججن مان ڪنهن کي نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو اختيار حڪومت کي ملي وڃي ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي چيف جسٽس ٿيڻ جو رستو روڪي سگهجي. ياد رهي ته عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد جاتي امرا ۾ گڏ ٿيل سڀ سياسي ڌريون ۽ اسٽيبلشمينٽ ان فيصلي تي سخت ناراض آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو