اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل مانجهاندي ۾ اسحاق ڊار ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايس سي او ڪانفرنس ۾ آيل وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر گڏ ويٺا. جنهن دوران ٻنهي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ انهن غير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.ذريعن موجب ڀارتي درخواست تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن کي گڏ ويهاريو ويو ۽ پرڏيهي وزارت ٻنهي پرڏيهي وزيرن کي گڏ ويهارڻ لاءِ سڄي سيٽنگ کي پڻ تبديل ڪيو.ذريعن ٻڌايو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ ٿيل ڳالهين کي في الحال ظاهر نه ڪيو ويندو. ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ ڀارت واپس روانو ٿي ويو آهي.ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر مهمان نوازي تي وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي حڪومت جو ٿورو پڻ ادا ڪيو.










