نواز پاران سياسي اڳواڻن جي لاءِ رات جي ماني جو اهتمام

نواز پاران سياسي اڳواڻن جي لاءِ رات جي ماني جو اهتمام

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جو صدر نواز شريف اڄ رات اهم سياسي اڳواڻن کي ڊنر ڏيندو.ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري ڊنر ۾ شرڪت لاءِ اڄ لاهور پهچندو، ان سان گڏ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو به ڊنر ۾ شرڪت ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف به ڊنر ۾ شرڪت ڪندو، هو ايس سي او اجلاس کانپوءِ لاهور پهچندو.جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان لاهور پهچي ويو آهي.جي يو آءِ پنجاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان اڄ نواز شريف سان ملاقات ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ آئيني ترميم تي غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو