ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته عوام جا مسئلا بهتر حڪمراني سان ئي حل ٿي سگهن ٿا.پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن سرفراز بگٽي سان ملاقات ڪئي آهي.ان ملاقات ۾ بلوچستان ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته گڊ گورننس پهرين ترجيح آهي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهيون.هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جديد طبي ادارا قائم ڪيا ويندا، بينظير ڀٽو اسڪالر شپ پروگرام صوبي جي تاريخ ۾ هڪ مثالي تعليمي پروگرام آهي.










