ايس سي او سمٽ ۾ شرڪت لاءِ 900 وفد پاڪستان پهچي ويا، اجلاس اڄ  ٿيندو

ايس سي او سمٽ ۾ شرڪت لاءِ 900 وفد پاڪستان پهچي ويا، اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ جي پهرين ڏينهن حڪومتي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل ڊنر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر سميت پرڏيهي شخصيتن جي آجيان ڪئي. سمٽ ۾ شرڪت لاءِ 900 وفد پاڪستان پهچي ويا، سربراهي اجلاس اربع تي وزيراعظم شهباز سريف جي صدارت ۾ ٿيندو. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي سربراهن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو ۽ وفدن جي سربراهن جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جو به استقبال ڪيو ۽ ساڻس هٿ ملايو. ٻئي اڳواڻ هڪٻئي سان مسڪرائي مليا. پهريون سنجيده هئا پر جڏهن جي شنڪر مسڪرايو ته وزيراعظم به مسڪرايو. ايس سي او ۾ چين، ڀارت، روس، پاڪستان، ايران، قزاقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ بيلاروس شامل آهن. جڏهن ته 16 وڌيڪ ملڪن کي مبصرن يا ”ڊائيلاگ پارٽنر“ جي حيثيت حاصل آهي. پاڪستان کي تنظيم ۾ مڪمل ميمبر شپ 2017 ۾ ملي هئي جڏهن نواز شريف وزيراعظم هو. نواز شريف ڀارتي صحافي برکا دت کي ڏنل انٽرويو ۾ ڀارت سان جلد ٻه طرفيون ڳالهين جي اميد ظاهر ڪئي آهي. تجزيا ڪارن جو خيال آهي ته 12 سالن بعد هندوستان جو پرڏيهي وزير ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ رابطا وڌڻ جو امڪان آهي. هو چاهي ها ته ڪانفرنس ۾ ويڊيو لنڪ تي به شريڪ ٿي پئي سگهيو. جيتوڻيڪ ڀارتي پرڏيهي وزير جو استقبال گرمجوشي سان نه ڪيو ويو ۽ ڊي جي ڏکڻ ايشيا سندس نور خان ايئر بيس تي آڌر ڀاءُ ڪيو هو. پاڪستان اچن کان اڳ جي شنڪر واضح ڪيو هو ته هو پاڪستان سان ٻه طرفن لاڳاپن بابت ڳالهه ٻولهه هن دوري ۾ نه ڪندو. چين جو وزيراعظم به 11 سالن بعد پاڪستان پهتو آهي. پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ چين، روس، بيلاروس، قزاقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم شرڪت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايران جو فرسٽ نائب صدر محمد رضا عارف، ڀارت ۽ ڪرغيزستان جا پرڏيهي وزير نمائندگي ڪندا. منگوليا جو وزيراعظم بطور آبزرور شرڪت ڪندو. هن تنظيم جي سربراهي واري واري سان ميمبر ملڪن کي ملندي آهي. اربع تي سربراهي اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪنوينشن سينٽر ۾ گروپ فوٽو بعد صبح جو شروع ٿيندو. اجلاس پانجهاندي کان اڳ ختم ٿيندو جنهن بعد ڊپٽي وزيراعطم اسحاق ڊار ۽ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زينگ منگ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا. ياد رهي ته 1997 بعد پاڪستان هڪ وڏي عالمي فورم جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سيڪورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، فوج، رينجرز، پيرا ملٽري ۽ پوليس جا 10 هزار کان مٿي اهلڪار تعينات آهن. ايس سي او ڪانفرنس م 900 وفد شرڪت ڪري رهيا آهن. مهمانن کي ريد زون ۾ 14 مختلف جاين تي ترسايو ويو آهي ۽ سندن اچ وڃ لاءِ 124 گاڏين جو انتظام ڪيو ويو آهي. روس جو 76 ميمبرن جو وفد آيل آهي، چين جا 15، ايران جا 2، ڪرغيزستان ۽ ڀارت جا چار چار رڪني وفد شرڪت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو