اسلام آباد(بيورو رپورٽ)26هين آئيني ترميم لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي شام 4 وڳي جڏهن ته سينيٽ جو اجلاس 5 وڳي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،قومي اسيملي ۽ سينيٽ جو اجلاس گهرائڻ جي سمري صدر ڏانهن موڪلي وئي آهي، سمري پارلياماني معاملن واري وزارت موڪلي آهي،ذريعن موجب ان ئي ڏينهن وفاقي ڪابينا جو اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري جو امڪان آهي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميم جي مسودي تي غور ويچار ڪيو ويو.










