لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته ٻهراڙي جون عورتون محنت، محبت، احساس ذميواري ۽ قرباني جو زنده مثال آهن.ڳوٺاڻن عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ مريم نواز چيو ته ڳوٺاڻي عورتن جي عظمت، قرباني ۽ انتھڪ محنت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.هن چيو ته زرعي معيشت جي استحڪام ۾ ٻهراڙي جي عورتن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي واڌاري ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ٻهراڙي جي عورتن کي برابري جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم غير متزلزل آهي.










