اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد: چين جو وزيراعظم لي ڪيوانگ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي.چيني وزيراعظم لي ڪيوانگ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان جي دوري لاءِ وفد سميت اسلام آباد پهتو، جتي ٻارن کيس گلدستا پيش ڪيا.نور خان ايئر بيس تي وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن چيني وزيراعظم جو استقبال ڪيو.چيني وزيراعظم کي پاڪستان پهچڻ تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.چيني وزيراعظم جي اڄ صدر زرداري سان ملاقات جو امڪان آهي ۽ هو ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندو جڏهن ته معزز مهمان گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح به ڪندو.










