اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير همايون اختر خان اين اي 97 فيصل آباد جي رهواسين سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ملاقات دوران همايون اختر خان چيو ته ن ليگ وارا ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ اين اي 97 جي حالت تبديل نه ڪري سگهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوششن سان مريد والا انٽرچينج جي منظوري کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جا ميمبر تختيون لڳائڻ لاءِ سرگرم آهن.اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سندس وفاقي وزير عبدالعليم خان سان تفصيلي ملاقات ٿي ۽ ان ملاقات ۾ اين اي 97 جي مامري ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ مطالبا سامهون رکيا ويا.










