اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هن حڪمرانن کي خبردار ڪيو هو ته پي ٽي آءِ جي باني کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.هڪ بيان ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان جي ڳالهين تي ڪنهن به سنجيدگيءَ سان غور نه ڪيو.هن چيو ته عوام پنهنجو رستو پاڻ طئي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.محمود خان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته هو پرامن احتجاج کي هاڻي بلوچستان تائين وڌائيندا. هنن چيو ته 7 آڪٽوبر تي قلعه سيف الله ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو.










